ڇتبڻ/ ڇتون

ڇتبڻ/ ڇتون

ڇتبڻ/ ڇتون

ڇتبڻ/ ڇتون (Dita Bark): هي هڪ سدا بهار وڻ آهي، هن کي سنسڪرت ۾ شپت پرن، بنگاليءَ ۾ ڇاتن، هنديءَ ۾ ڇتون، اردوءَ ۾ ستونا ۽ لاطينيءَ ۾ Alstonia Scholaris چوندا آهن. هيءُ وڻ اٽڪل ٽيهه ميٽر ڊگهو ٿئي ٿو. هن ۾ وڌڻ جي صلاحيت عام وڻن کان گهڻي آهي، هن جون ٽاريون پکـڙيـل ۽ چـمڪـدار ٿين ٿيون. هن جي هر هڪ شاخ ۾ ست پن هوندا آهن. هن جا گل ساوا سفيدي مائل ٿين ٿـا. سـنـڌ ۾ ڪـثـرت سان ٿئي ٿو. هن جا ٻه قسم ٿيندا آهن، هن جو مزاج گرم ۽ خشڪ آهي. طبيبن مـوجـب ڇـتـبـڻ جـي کل جـو ڪاڙهو بخار لاءِ فائديمند آهي. هن جو جوهر (Define) مليريائي بخارن ۾ مفيد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو